بدين: گنج بحر شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي بند هجڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

1 Min Read

بدين(اسحاق شيخ) گنج بحر شاخ جي پڇڙي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند هجڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج جي اڳواڻي محمد اسحاق لنڊ، سراج الدين مهرانپوٽو، بلاول لنڊ، آفتاب احمد لنڊ، ماڻق لنڊ، مير حسن لنڊ ۽ ٻين آبادگارن ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن سارين جي فصل لاءِ ٻيجارا تيار ڪيا هئا، پر پاڻي نه ملڻ سبب سڀ ٻيجارا سڪي سڙي ختم ٿي ويا.

سندن چوڻ هو ته زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري سخت ۽ بنجر بڻجي ويون آهن، جنهن سان هارين جو سڄي سال جو سرمايو، محنت ۽ اميدون داءَ تي لڳي ويون آهن.

آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گنج بحر شاخ ۾ ترت پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ ٽيل وارن آبادگارن کي سندن حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment