بدين (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) بدين ضلعي جي صدر شاهنواز سيال جي اڳواڻي ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ افغان پناهگيرن خلاف ڊي سي او چوڪ کان ڊپٽي ڪمشنر آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ رهندڙ غيرقانوني ڌارين ۽ افغان پناهگيرن کي به جلد نيڪالي ڏني وڃي.
ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي عوامي مسئلن بابت پڻ آواز اٿاريو.
احتجاج جي پڄاڻي تي پارٽي اڳواڻن پنهنجن مطالبن تي ٻڌل يادداشت نامو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش حوالي ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.


