ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) سنڌ يونيورسٽي جي گيٽ وٽ تيز رفتار ٽرالر جي رڪشا کي ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشا سوار نوجوان ڇوڪري فوت ٿي وئي، جنهن جي سڃاڻپ مهڪ ملاح طور ڪئي وئي آهي.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي فوتي ڇوڪريءَ جو لاش لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو. پوليس ذريعن موجب، حادثي وقت رڪشا ۾ سوار نوجوان احمد کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو حادثي کانپوءِ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو هو.
پوليس ذريعن موجب، گرفتار نوجوان احمد فوتي ڇوڪريءَ جو نالو مهڪ ملاح ٻڌايو، جنهن بعد سندس سڃاڻپ ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ڇوڪري ڪنهن به يونيورسٽي جي شاگردياڻي نه هئي، پر ريسٽورنٽ تان کاڌو کائڻ بعد گهر وڃي رهي هئي.
پوليس موجب، فوتي ڇوڪريءَ جو لاش بعد ۾ حيدرآباد جي سرد خاني منتقل ڪيو ويو. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


