بلديه فيڪٽري سانحو ڪيس، جوابدارن جي بريت جو لکت ۾ فيصلو جاري

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو 39 صفحن تي ٻڌل تفصيلي لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 264 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ موت جي سزا مليل محمد زبير عرف چريا ۽ عبدالرحمان عرف ڀولا کي بري ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو ويو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته واقعي کان اڍائي سال پوءِ سامهون آيل نئين ڪهاڻي کي قابلِ اعتماد قرار نٿو ڏئي سگهجي.

فيصلي موجب دير سان سامهون ايندڙ بيانن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته عدالتي اعترافِ جرم به آزاد شاهدين سان ثابت نه ٿي سگهيو.

سپريم ڪورٽ چيو ته فارنزڪ شاهدين مان ڪيميڪل جي استعمال جو دعويٰ به ثابت نه ٿي سگهيو، جڏهن ته 34 زخمي شاهدن مان ڪنهن به جوابدارن خلاف بيان نه ڏنو.

عدالت موجب سي سي ٽي وي فوٽيج پيش نه ڪرڻ پراسيڪيوشن جي ڪيس کي وڌيڪ ڪمزور بڻايو، جڏهن ته افواهن ۽ عام نوعيت جي الزامن جي بنياد تي سزا برقرار نٿي رکي سگهجي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شڪ جو فائدو ملزم جو قانوني حق آهي، تنهن ڪري ٻنهي جوابدارن کي بري ڪيو ويو.

عدالت ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف عدالتي رمارڪس ختم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ انسداد دهشتگردي عدالت جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.

39 صفحن تي ٻڌل هي فيصلو جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان لکيو، جڏهن ته جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس شڪيل احمد پڻ فيصلي سان اتفاق ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment