لاڙڪاڻو: بلوچستان ۾ شهيد ٿيل فوجي جوان تشڪيل ميمڻ اباڻي ڳوٺ ۾ سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي

1 Min Read

لاڙڪاڻو: (رپورٽر) گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو جوان تشڪيل ميمڻ شهيد ٿي ويو، جنهن جو مڙهه لاڙڪاڻي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ عاقل پهچايو ويو.

شهيد جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي مٽن مائٽن، دوستن ۽ علائقي واسين سندس مٿان گلن جي ورکا ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

شهيد تشڪيل ميمڻ جي تدفين سرڪاري اعزاز سان عاقل ڳوٺ جي قبرستان ۾ ڪئي وئي، جتي پاڪ فوج جي جوانن سلامي پيش ڪئي.

شهيد جي جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن، عملدارن، وارثن، دوستن ۽ وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شهيد جي قبر تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون، جڏهن ته سندس وارثن چيو ته کين پنهنجي جوان جي شهادت تي فخر آهي، جنهن ملڪ ۽ قوم جي حفاظت خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي سندن ڪنڌ اوچو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment