ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: امتياز مڱريو ۽ ٽنڊو محمد خان جي بئراج ڪالوني ۾ هڪ سال اڳ پنهنجي ويڳي ڀاءُ اشفاق خاصخيلي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار منور علي خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب، گرفتار جوابدار وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل هڪ پسٽل ۽ ٽي گوليون پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته قتل ڪيس ۾ اڳ ئي ٽي جوابدار گرفتار ٿي چڪا هئا، جڏهن ته مرڪزي جوابدار منور علي خاصخيلي واقعي کان پوءِ مسلسل روپوش هو.
ترجمان موجب، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مؤثر حڪمت عملي جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.


