بنون ۾ سڪيورٽي ادارن جي ڪارروائي، 11 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

3 Min Read

بنون  ( ويب ڊيسڪ ) بنون جي ٿاڻي ميريان جي حدن اندر ڳجهي اطلاع تي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويا۔

آپريشن صبح سوير شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ٽيمن انتهائي پيشيواراڻي انداز ۾ حصو ورتو۔ آپريشن جي سڌي نگراني ايس پي رورل بنون ڪئي، جڏهن ته ٻه ايس ڊي پي اوز ۽ ايس پي سي ٽي ڊي پڻ موقعي تي موجود رهيا۔

دهشتگرد عنصرن جي چرپر ۽ ممڪن ٺڪاڻن جي نگراني لاءِ جديد ڊرون سرويئلنس ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي۔ آپريشن دوران پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ علائقي کي مڪمل طور گهيري ۾ ورتو ويو۔

شديد فائرنگ جي نتيجي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. آپريشن دوران ميرن شاهه روڊ تي آزاد منڊي ڀرسان 10 ڪلوگرام وزني ڏيهي ساختي بم (آءِ اي ڊي) پڻ هٿ آيو، جنهن کي بروقت ڪارروائي ڪندي ناڪاره بڻايو ويو۔

شروعاتي اطلاعن موجب اهو آءِ اي ڊي اڄ ٿيندڙ روڊ اوپننگ ڊيوٽي کي نشانو بڻائڻ لاءِ نصب ڪيو ويو هو، پر پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي بروقت حڪمت عملي سبب دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو۔

آپريشن دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ زخمي پڻ ٿيو۔ زخمي اهلڪار کي فوري علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔

خيبر پختونخوا پوليس جي انسپيڪٽر جنرل ذوالفقار حميد ڪامياب آپريشن تي بنوں پوليس ۽ سي ٽي ڊي ٽيمن جي جرئت، بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو۔

آءِ جي پي ذوالفقار حميد چيو ته خيبر پختونخوا پوليس هر محاذ تي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي۔ بنوں پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي بهادر جوانن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو قوم جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن۔

هن چيو ته فتنه الخوارج ۽ امن دشمن عنصرن خلاف ڪارروايون وڌيڪ شدت سان جاري رهنديون۔ خيبر پختونخوا پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ فرنٽ لائن تي بيٺل آهي ۽ دشمن جي هر وار جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو۔

آءِ جي پي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن لاءِ خاص انعامن جو پڻ اعلان ڪيو۔

Share This Article
Leave a Comment