تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پاڪستاني وفد جي تهران دوري بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته “آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت کي حتمي شڪل ڏيڻ جي مرحلي ۾ آهي۔ هن موجب هن مرحلي تي هيٺ بحث هيٺ ايندڙ معاملن جو تعلق بنيادي طور جنگ جي خاتمي سان آهي۔”
ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪي سامونڊي جارحيت، جنهن کي آمريڪا ’سامونڊي ناڪابندي‘ قرار ڏئي ٿو، ان جي خاتمي ۽ ايران جي منجمد مالي اثاثن تان پابنديون هٽائڻ جهڙا معاملا هن يادداشت جو اهم حصو آهن۔”
ايراني خابرو اداري ارنا موجب اسماعيل بقائي هڪ ٽيليويزن انٽرويو ۾ ٻڌايو ته پاڪستاني وفد گذريل رات ايران پهتو۔ ان کان اڳ پاڪستان جو گهرو وزير پڻ ڪجهه ڏينهن کان ايران ۾ موجود هو۔ پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهين جو مرڪزي محور آهي ۽ گذريل ڪجهه هفتن دوران هن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔
هن چيو ته هن دوري جو مقصد ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ واري سلسلي کي اڳتي وڌائڻ هو۔ بقائي موجب هن وقت ايران جو ڌيان “مُڙهيل ڪيل جنگ جي خاتمي تي آهي، جيڪا اسلامي جمهوريه ايران جي 14 نڪاتي تجويز جي بنياد تي اڳتي وڌي رهي آهي۔
هي تجويز ڌرين وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏي وٺ کان پوءِ هاڻي حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪي آهي۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن تجويز جي مختلف شقن بابت ڌرين پنهنجي پنهنجي موقف جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڪجهه نڪتن ۽ لفظن تي اختلافن بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن۔
ترجمان موجب ان سلسلي ۾ نيون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون آهن، جن مان ڪجهه تي اڃا غور جاري آهي ۽ ڌريون پنهنجي راءِ ڏئي رهيون آهن۔


