تهران ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايران جي اعليٰ قيادت سان ٿيل ملاقاتن ۾ علائقي جي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ حتمي ٺاهه بابت همٿ افزا اڳڀرائي ٿي آهي۔
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جو مختصر پر انتهائي اهم دورو ايران مڪمل ٿي ويو، جنهن دوران هن ايراني قيادت سان ملاقاتون ڪيون. اهي ملاقاتون 8 اپريل واري جنگ بندي کان پوءِ به علائقي ۾ برقرار ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ تعميري ڳالهين لاءِ جاري ٽياڪڙي ڪوششن جو حصو هيون۔
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني صدر مسعود پزشڪيان، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقاتون ڪيون۔
بيان موجب انهن ملاقاتن دوران علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ جاري مشاورتي عمل کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو۔
آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتون مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل تفصيلي ڳالهين کان پوءِ حتمي ٺاهه لاءِ همٿ افزا اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔
بيان ۾ چيو ويو ته ايراني قيادت پاڪستان جي ان مخلصاڻن ۽ تعميري ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي علائقي جي مسئلن جو پرامن حل ڳولڻ لاءِ جاري آهن۔
آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته ايران پهچڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير جي آجيان ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني ۽ ٻين سينيئر سول ۽ فوجي عملدارن ڪئي۔
واضح رهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن جي سلسلي ۾ ايران پهتو هو، جتي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ موجود هئا۔


