بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي صدر شي جن پنگ آمريڪا تي زور ڏنو آهي ته ٻنهي ملڪن کي مخالف نه پر ساٿي طور گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن بيجنگ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٻن ڏينهن واري اهم سربراهي اجلاس جي شروعات تي ڪئي.
چين جي گريٽ هال آف دي پيپل ۾ ٻنهي اڳواڻن هٿ ملايا، جڏهن ته فوجي بينڊ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا.
تقريب دوران آمريڪي ۽ چيني جهنڊا ڦڙڪائيندڙ ٻار به موجود هئا.
ٽرمپ شي جن پنگ کي عظيم اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته چين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا اڳ کان وڌيڪ بهتر ٿيندا.
شي جن پنگ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام سڄي دنيا لاءِ فائديمند آهي، جڏهن ته ٽڪراءُ ٻنهي لاءِ نقصانڪار هوندو.
ڳالهين دوران واپاري جنگ، ٽيرف معاهدي ۾ واڌ، ايران، تائيوان، ناياب معدنيات جي برآمد، مصنوعي ذهانت ۽ ٻيا عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا.
ٽرمپ سان گڏ ڪيترائي وڏا آمريڪي ڪاروباري اڳواڻ پڻ بيجنگ پهتا آهن، جن ۾ ٽيسلا جي ايلان مسڪ ۽ اينوڊيا جي جينسن هوانگ شامل آهن.

بيجنگ ۾ ٽرمپ ۽ شي جنگ پنگ جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون
Leave a Comment Leave a Comment

