صومالي ڌاڙيلن وٽ يرغمال پاڪستاني ملاحن جي بازيابي جو مطالبو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ صومالي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايل پاڪستاني ملاحن جي وارثن احتجاج ڪندي حڪومت کان سندن محفوظ بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.
احتجاج ڪندڙن ۾ امبرين فاطمه به شامل هئي، جنهن جو مڙس سيد حسين يوسف اغوا ٿيل آئل ٽينڪر ايم ٽي آنر 25 تي سيڪنڊ انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي.
وارثن موجب جهاز تي موجود عملي وٽ صاف پاڻي ۽ خوراڪ ختم ٿي چڪي آهي، جنهن سبب ملاحن کي گندو ٽينڪ وارو پاڻي پيئڻو پئجي رهيو آهي ۽ هو رڳو هڪ وقت اُٻاريل چانور کائي گذارو ڪري رهيا آهن.
پالائو جهنڊي واري آئل ٽينڪر کي 21 اپريل تي صوماليا جي سامونڊي علائقي ڀرسان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن تي 17 عملي جا ميمبر سوار هئا، جن مان 10 پاڪستاني آهن.
احتجاج ڪندڙ خاندانن جو چوڻ آهي ته سندن ٻار ذهني دٻاءُ ۽ خوف جو شڪار آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻار پڙهائي تي ڌيان به نٿا ڏئي سگهن.
پرڏيهي آفيس موجب ڌاڙيلن سڌو سنئون پاڪستاني حڪومت سان رابطو ناهي ڪيو، جڏهن ته جهاز جو مالڪ صومالي اختيارين سان گڏ ڌاڙيلن سان ڳالهين ۾ مصروف آهي.

Share This Article
Leave a Comment