بيرسٽر افتخار گيلاني آزاد ڪشمير جو 17هون وزيراعظم چونڊجي ويو.

2 Min Read

مظفرآباد ( ويب ڊيسڪ )مظفرآباد ۾ مسلم ليگ ن سان تعلق رکندڙ بيرسٽر افتخار گيلاني آزاد ڪشمير جو 17هون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي.

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ٿيل ووٽنگ ۾ افتخار گيلاني 30 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سردار مختار احمد خان کي 14 ووٽ مليا.

وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ ايوان ۾ پنهنجي پهرين خطاب دوران بيرسٽر افتخار گيلاني چيو ته پاڪستان ڪشمير کانسواءِ اڻپورو آهي ۽ ڪشمير به پاڪستان کانسواءِ اڌورو آهي.

هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو رڳو زمين جي هڪ ٽڪري جو مسئلو ناهي، پر گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جو مسئلو آهي.

افتخار گيلاني 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته قانونسازي ذريعي ڪشمير کي ڀارت جو حصو نٿو بڻائي سگهجي.

نئين چونڊيل وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ڀرتين لاءِ اين ٽي ايس جهڙو ٽئين ڌر وارو نظام متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته ڊجيٽل معيشت ۽ مهارتن تي ٻڌل تعليم کي هٿي ڏني ويندي.

هن صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سڌارن سان گڏ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڊجيٽل سٽيزن پورٽل شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

بيرسٽر افتخار گيلاني ان کان اڳ به آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر رهي چڪا آهن ۽ تعليم واري وزير طور پڻ ذميواريون نڀائي چڪا آهن. موجوده اسيمبلي ۾ هو مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تان ميمبر چونڊجي آيو هو.

Share This Article
Leave a Comment