ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي تڪرار بعد ملتوي ڪيون ويون آهن.
چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو بيلٽ پيپرز پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر هٿ اچڻ بعد ڪيو ويو.
سٽي ڪورٽ ۾ پولنگ جي عمل دوران پولنگ اسٽيشنز کان ٻاهر بيلٽ پيپرز ملڻ جي شڪايت تي هنگامي طور چونڊون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون.
صدارتي عهدي لاءِ عامر نواز وڙائچ، محمد ارشد شر، جي ايم ڪورائي، اسد الله شاهه راشدي ۽ وقار عالم جي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان هو.
جنرل سيڪريٽري جي سيٽ لاءِ 7 اميدوار، نائب صدر لاءِ 5 ۽ خزانچي جي سيٽ لاءِ 4 اميدوار ميدان تي هئا. ميمبر مينيجنگ ڪميٽي جي 11 سيٽن لاءِ 51 ميمبرن ۾ مقابلو جاري هو.
ڪراچي بار جي انهن چونڊن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ووٽرن کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻو هو.
چونڊن لاءِ سٽي ڪورٽ ۾ 33 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون هيون، جتي پولنگ صبح 9 وڳي شروع ٿي هئي.
سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر عبدالستار لوراڻي اليڪشن ڪميشنر طور فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.
ياد رهي ته ڪراچي بار جون اهي چونڊون اڳ به مختلف سببن جي ڪري دير جو شڪار رهيون آهن ۽ هاڻي بيلٽ پيپرز واري اسڪينڊل بعد وڪيلن ۾ سخت ڳڻتي لهر پکڙيل آهي.

ڪراچي بار جون چونڊون بيلٽ پيپرز ٻاهر هٿ اچڻ سبب وري ملتوي
Leave a Comment Leave a Comment

