لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جن جي صوبي ۾ هڪ ئي روڊ جي منصوبي ۾ 8 ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام سامهون اچن ٿا، اهي پنجاب کان ڪارڪردگي بابت سوال پڇن ٿا.
پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب کي سنڌ سان ڪا به مخالفت ناهي، پر جيڪڏهن ڪنهن خلاف بغير ثبوتن جي پريس ڪانفرنسون ڪيون وڃن ۽ ان تي سوال اٿاريا وڃن ته ان کي سياسي انتقام قرار ڏيڻ مناسب ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي طعني وانگر محسوس ٿئي ٿي ته ڪارڪردگي تي ڳالهه ضرور ٿيندي. سندس چوڻ هو ته بغير ثبوتن جي ڪرپشن جا الزام لڳائڻ تي لاڳاپيل ماڻهن کي عدالتن ۾ به وٺي وڃڻ جو حق موجود آهي.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مختلف اسڪينڊل سامهون اچن ٿا، جڏهن ته پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪا بي ضابطگي ٿئي ٿي ته وزيراعليٰ ۽ سندس ٽيم پاڻ ان کي سامهون آڻين ٿا ۽ ذميوارن کي بچائڻ جي ڪوشش نٿا ڪن.
پنجاب جي وزير اطلاعات امتحاني مرڪزن جي مبينا وڪري ۽ ٻين معاملن جو حوالو ڏيندي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال اٿاريا.
هن دعويٰ ڪئي ته پنجاب ۾ صاف پاڻي جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي ۽ وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي عوام کي ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو آهي.
عظميٰ بخاري جا اهي بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن پنجاب ۽ سنڌ حڪومتن وچ ۾ حڪومتي ڪارڪردگي، ترقياتي منصوبن ۽ مبينا ڪرپشن جي معاملن تي سياسي بيان بازي جاري آهي.


