وزيراعظم شهباز شريف چين جَي چئن ڏينهن جي دوري تي هانگزو پهتو

3 Min Read

هانگزو ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي چار ڏينهن واري سرڪاري دوري جي پهرين مرحلي ۾ چين جي شهر هانگزو پهچي ويو آهي۔ هانگزو جي شياؤ شين ايئرپورٽ تي زيجيانگ صوبي جي نائب گورنر شو وينگوانگ، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي وزيراعظم جو استقبال ڪيو۔

وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطا الله تارڙ، آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه خواجه ۽ خصوصي معاون طارق فاطمي پڻ موجود آهن۔

وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هانگزو ۾ وزيراعظم جي ملاقات زيجيانگ صوبي جي پارٽي سيڪريٽري وانگ هاؤ سان ٿيندي۔

بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ منعقد بزنس فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جتي مختلف معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب پڻ ٿيندي۔

وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم جي مشهور چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقاتون پڻ طئي آهن، جڏهن ته هو چين جي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپني علي بابا جي هيڊڪوارٽر جو دورو به ڪندو۔

ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم پنهنجي دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل سيڙپڪاري ڪانفرنس جي صدارت پڻ ڪندو۔

پرڏيهي وزارت موجب دوري جو بنيادي مقصد ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، جڏهن ته موجوده وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال به ڳالهين جو اهم حصو هوندي۔

پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي موجب علائقي جي موجوده بحران دوران ٻنهي ملڪن امن لاءِ تعاون جاري رکيو آهي ۽ ان معاملي تي مسلسل ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي دوري دوران به اهو معاملو زير بحث ايندو۔

ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ٻڌايو ته قطري وفد تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي آهي۔ هن چيو ته ڪيترائي ملڪ جنگ ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿا، پر سرڪاري سطح تي ڳالهين جو مرڪزي ڪردار اڃا تائين پاڪستان وٽ آهي۔

ان سلسلي ۾ پاڪستان جي آرمي چيف عاصم منير پڻ گذريل ڏينهن تهران پهتو، جتي هن رات دير تائين ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ گهرو وزير سڪندر مومني سان ملاقاتون ڪيون۔ ان کان اڳ پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي به تهران جو دورو ڪري چڪو آهي۔

Share This Article
Leave a Comment