جيڪب آباد: مبينا جعلي پوليس مقابلي خلاف وارثن جو احتجاج

1 Min Read

جيڪب آباد (حاڪم علي) جيڪب آباد ۾ ميرانپور ٿاڻي جي حد بيگاري پل وٽ 31 جولاءِ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل علي حيدر رواهي بليدي جي وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

وارثن الزام لڳايو ته علي حيدر کي جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو، جنهن معاملي تي فائٽر انچارج واحد چانڊيو سميت 6 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ اهلڪار نصير ڪلهوڙو گرفتار آهي ۽ باقي جوابدار آزاد آهن.

وارثن جو چوڻ آهي ته کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته باقي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment