حيدرآباد: بدين روڊ تي مسافر ڪوسٽر ڪلٽي، 3 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) حيدرآباد جي بدين روڊ لڳ ٽندو غلام علي ويجهو مسافر ڪوسٽر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي 3 ڄڻا مسافر اجل جو شاڪار جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا۔

حادثي کان پوءِ علائقي ۾ افرا تفري پکڙجي وئي، جڏهن ته مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو ٽيمن فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون۔ زخمين مان لڳ ڀڳ 10 ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔

ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ترت سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي۔

واقعي کان پوءِ پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حادثي جو سبب شروعاتي طور تي تيز رفتاري ۽ ڊرائيور کان ڪنٽرول وڃائڻ ٻڌايو پيو وڃي۔

Share This Article
Leave a Comment