حيدرآباد: سعودي ورڪ ويزا فراڊ جو جوابدار گرفتار

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽر) ايف آءِ اي ڪرائيم سرڪل ڪارروائي ڪندي سعودي عرب جي ورڪ ويزا جي نالي تي شهرين سان مبينا فراڊ ڪندڙ اشتهاري جوابدار احسن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي موجب جوابدار في ماڻهو کان سعودي ورڪ ويزا ڏيارڻ لاءِ 3 لک رپيا ورتا. جوابدار خلاف ڪيس داخل هو ۽ عدالت کيس اشتهاري قرار ڏنو هو.

ايف آءِ اي عملدارن چيو ته ويزا فراڊ ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق ڪارروايون جاري رهنديون.

Share This Article
Leave a Comment