ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) ڪوٽڙي ڪراچي واهه ڀرسان اڻڄاتل رڪشا ڊرائيور 2 معصوم ڀينرن کي ڇڏي فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس ٻنهي نينگرين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس موجب هڪ نينگري جي عمر 11 مهينا ۽ ٻي جي ڏيڍ سال آهي، والدين ۽ وارثن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته واقعي بابت جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
هڪ نينگري کي ليڊي ڪانسٽيبل پنهنجي نگراني ۾ رکيو ۽ ٻي نينگري کي شهري امانت طور تحويل ۾ ورتو آهي.


