حيدرآباد هاءِ وي تي ڪارروائي، ڪاٺ سان ڀريل ڪنٽينر هٿ، 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

2 Min Read

حيدرآباد( ويب ڊيسڪ ) سنڌ وائلڊ لائيف حيدرآباد ڊويزن حيدرآباد هاءِ وي تي قانون لاڳو ڪندڙ ڪارروائي دوران ڪاڇو، ضلعي دادو جي رياستي زمينن تان غيرقانوني طور ڪاٽيل پيلو جي وڻن جي ڪاٺ سان ڀريل هڪ بند ڪنٽينر هٿ ڪري ورتو.

وائلڊ لائيف اختيارين موجب، ڪنٽينر اندر ڊگهي عمر وارن وڻن جي ڪاٺ کي لڪائي منتقل ڪيو پئي ويو، صدين پراڻا وڻ سنڌ جي رياستي زمينن تي قانوني تحفظ هيٺ آهن ۽ ماحولياتي نظام، ريگستاني علائقن ۾ ٻيلا بچائڻ، زمين جي بنجر ٿيڻ کي روڪڻ ۽ جهنگلي جيوت لاءِ رهائش ۽ خوراڪ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ويليو ايڊيڊ ووڊ پراڊڪٽس جي ڪارخانن قائم ٿيڻ کانپوءِ جي ڪاٺ جي مارڪيٽ ۾ طلب وڌي وئي آهي، جنهن سبب رياستي زمينن تان انهن وڻن جي غيرقانوني واڍي ۾ اضافو ٿيو آهي. جيڪڏهن ان عمل کي نه روڪيو ويو ته اهو جهنگلي جيوت، ماحول ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿو.

وائلڊ لائيف کاتي موجب، وڻن پن اُٺن جي پسنديده خوراڪ آهن، تنهن ڪري انهن وڻن جي بي دريغ واڍي صوبي ۾ اُٺن جي نسل لاءِ به وڏو خطرو بڻجي رهي آهي.

واقعي ۾ ملوث جوابدارن ترس محمد (رهواسي ضلع رحيم يار خان)، عابد حسين (رهواسي خيرپور ميرس)، وارث چانڊيو (رهواسي جوهي، ضلع دادو) ۽ اسلم خلاف سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن ايڪٽ تحت انسپيڪٽر غفار جمالي جي فرياد تي فوجداري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

وائلڊ لائيف اختيارين موجب، ڪيس جي چالان بعد ٽرائل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز ڪورٽ ڄامشورو ۾ هلايو ويندو

Share This Article
Leave a Comment