حيدرآباد ( رپورٽ: ذاڪر لغاري ) حيدرآباد ۾ حيسڪو پاران جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ سياسي ۽ قانوني حلقن ۾ معاملو بحث هيٺ اچي ويو آهي.
حيسڪو ترجمان موجب ڪارروائي دوران رياض چانڊيو سميت ٻين خلاف بجلي چوري جا ثبوت ملڻ تي قانوني قدم کنيا ويا آهن.
پوليس مطابق حيسڪو جي سب ڊويزنل آفيسر (ايس ڊي او) آفتاب احمد جي مدعيت ۾ داخل ڪيل درخواست تي قاسم آباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيڪنگ دوران غيرقانوني تارون لڳل مليون، جن ذريعي سڌي طرح (ڊائريڪٽ ڪُنڊو) لڳائي بجلي جي غيرقانوني استعمال جا ثبوت مليا.
حيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته معائني دوران بجلي چوري جا شواهد ملڻ بعد لاڳاپيل جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب ڪيس ۾ اليڪٽرسيٽي ايڪٽ 2016 سميت پاڪستان پينل ڪوڊ تحت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي رياض چانڊيو الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو ڪيس سياسي انتقام تي ٻڌل آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ رياست ڊڄي وئي آهي ۽ مٿس بي بنياد ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته سندس گهر تي سولر سسٽم لڳل آهي ۽ ميٽر لاءِ اڳ ۾ ئي درخواست ڏنل آهي، تنهن هوندي به مٿس الزام لڳايا ويا آهن.


