اوٻاوڙو ( رپورٽ: علي رضا راجپوت ) اوٻاوڙو ڀرسان آڌي بنگلي ويجهو ڳوٺ راٺ آباد ۾ زمين جي تڪرار تان سومرا ۽ ڇڄڻ برادرين جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
مليل ڄاڻ موجب جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان لٺين، سروٽن ۽ هٿيارن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته انڌاڌنڌ فائرنگ پڻ ڪئي وئي.
واقعي ۾ لٺيون، سروٽا ۽ گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ سليم ڇڄڻ، شبير ڇڄڻ، مانجهي ڇڄڻ، سونو سومرو، وڪرم سومرو، محمد پريل سومرو سميت ٻيا شامل آهن.
ذريعن موجب زخمين مان سليم ڇڄڻ ۽ سرور ڇڄڻ سميت ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن فوتي نوجوان مختيار ڇڄڻ جي وارثن الزام لڳايو آهي ته جهيڙو زمين جي پراڻي تڪرار جو نتيجو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.


