حيدرآباد ( رپورٽ: ذاڪر شيخ ) سنڌ ۾ آئس جي نشي وڌيڪ هڪ گهر اجاڙي ڇڏيو، حيدرآباد ۾ آئس جي موالي جوابدار مبينا طور پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي وقت معصوم پٽ پنهنجي ماءُ کي بچائڻ جون التجائون ڪندو رهيو.
هي افسوسناڪ واقعو ڦليلي ٿاڻي جي حد مـُکي باغ واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي جوابدار بلال شاهه فائرنگ ڪري 25 ورهين جي ماهنور کي قتل ڪيو.
وارثن ٻڌائن ٿا ته هي ڪا اوچتي واردات نه هئي، هي ان ئي تشدد جو تسلسل هو، جيڪو سالن کان جاري رهيو، ماهنور مدد لاءِ در در وئي، ٿاڻي جا در کڙڪايا، پر سندس دانهن ٻڌڻ وارو ڪو نه هو، هوءَ پنهنجي معصوم پٽ جي ڪري هر ڀيري موٽي ساڳئي باهه ۾ وڃي پوندي هئي.
ناري جا وارث الزام لڳائن ٿا ته بلاول منشيات فروش هيو، ڪيترائي ڀيرا جيل وڃي چڪو آهي ۽ کيس 2 ڀيرا پوليس مقابلي ۾ زخمي به ڪيو ويو، ان ڪري نياڻي جو رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن بعد سندن نياڻي کي ورغلائي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي.
ناري جي وارثن موجب جوابدار، ماهنور تي تشدد ڪندو رهيو هو، جنهن جي ڦليلي ٿاڻي تي درخواست به ڏني هئي پر پوليس مدد ڪرڻ بدران سندن بيعزتي ڪئي، ماهنور ڪيترائي ڀيرا تشدد کان تنگ اچي گهر ڇڏي آئي هئي پر معصوم پٽ جي ڪري مجبوريءَ ۾ بلاول وٽ واپس وئي هئي.
مقتولا ماهنوار جي امڙ پنهنجي نياڻي کي ياد ڪري بيحال ٿي وئي ۽ ٻڌائي ٿي ته ننڍڙو روئيندو رهيو ته امان کي بچايو پر جوابدار کي رحم نه آيو ۽ ان فائرنگ ڪري پنهنجي معصوم پٽ آڏو ماهنور کي قتل ڪيو.
ماهنور جي موت سان صرف هڪ زندگي نه وئي پر هڪ ٻار جي دنيا هلي وئي، هڪ گهر اجڙي ويو، ۽ سماج جي ضمير تي هڪ ٻيو داغ لڳي ويو.
ماهنور جا وارث مطالبو ڪن ٿا ته جوابدار بلال شاهه کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ آئيس سميت منشيات فروشي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، جيئن اڳتي هلي ڪو اهڙو واقعو پيش نه اچي.


