پيرڳوٺ ۾ مبينا ڌاڙيلن پاران شاهپور اسٽينڊ تي پيٽرول ايجنسي کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي علائقي واسي وڏي انگ ۾ نڪري آيا ۽ سخت مزاحمت ڪئي.
ڌاڙيلن ۽ شهرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته علائقي ۾ شديد فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو.
واقعو بعد شهرين جو وڏو انگ هٿيار کڻي مزاحمت لاءِ نڪري آيو، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. واقعي ۾ جاني نقصان بابت فوري طور ڪا تصديق سامهون نه اچي سگهي.


