Focus with Zardari
اهم خبرون

خيرپور: مٺو مري اسٽاپ وٽ فائرنگ، نوجوان اويس علي مهر قتل

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي شاهه حسين ٿاڻي جي حد مٺو مري اسٽاپ وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان اويس علي مهر سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو سول اسپتال خيرپور ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ اويس علي ولد نظام الدين مهر، رهواسي مٺو مري، طور ٿي آهي.

واقعي بابت پوليس پاران وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فائرنگ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment