خيرپور ناٿن شاهه: نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

1 Min Read

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) ڳوٺ شاهه محمد ڪلوئي ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل 24 ورهين جي جعفر علي ڪلوئي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ ڳوٺاڻن لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو.

مظاهرين الزام هنيو ته مال جي ڀيل تان علي بخش، سومر، رضا محمد ۽ عبدالله ڪلوئي مبينا طور ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ جعفر علي مارجي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته ٻورڙي پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ناهن ڪيا.

ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. وارثن فوري ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري ۽ زخمين کي بهتر علاج فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment