ملير (رپورٽر): لانڍي زون ويجهو ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ باهه لڳڻ سبب دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ ڪري 2 مردن ۽ هڪ عورت جي حالت خراب ٿي وئي. امدادي ٽيمون ۽ ايمبولينسون واقعي واري هنڌ پهچي متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته عورت کي جناح اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باهه جو نوٽيس وٺندي فائر برگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون ۽ ريسڪيو سامان موڪلڻ، جاني نقصان کان بچاءَ ۽ آپريشن دوران سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظام يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.


