هنڱورجا (رپورٽر) هنڱورجا ڀرسان شاهه جي مشين ويجهو ڳوٺ استاد نور محمد سولنگي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طور ٽن پٽن پنهنجي پيءُ رٽائرڊ فوجي واحد بخش عرف صديق سولنگي کي تيز ڌار اوزار سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
مليل ڄاڻ موجب، مقتول پنهنجي گهر ۾ موجود هو ته گهريلو تڪرار دوران مبينا طور سندس پٽن اياز سولنگي، وحيد سولنگي ۽ نثار سولنگي مٿس تيز ڌار اوزار سان حملو ڪيو، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ رورل هيلٿ سينٽر هنڱورجا منتقل ڪيو.
پوسٽ مارٽم ۽ قانوني مرحلن کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر پکڙجي وئي آهي.
پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا هئا.


