خيرپور: (شڪيل جانوري) خيرپور شهر جي مختلف علائقن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي رستن ۽ گهٽين تي بيهجي وڃڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. مسئلي جي حل لاءِ شهرين ۽ دڪاندارن احتجاج ڪندي انتظاميا کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.
شهر جي اهم علائقن اسٽيشن روڊ، غازي چوڪ، لقمان ۽ حسيني چوڪ سميت ڪيترن ئي هنڌن تي گندو پاڻي جمع ٿيڻ سبب روڊ تلائن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري اچ وڃ ۽ ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن.
احتجاج ڪندڙ شهرين چيو ته گٽرن جو پاڻي دڪانن جي سامهون بيهجي وڃڻ سبب گراهڪن جو اچڻ وڃڻ گهٽجي ويو آهي، جنهن سان سندن ڪاروبار کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي.
مظاهرين انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته شهر جي سڀني متاثر علائقن مان گندي پاڻي جي نيڪال جو فوري بندوبست ڪيو وڃي، جيئن شهري تڪليفن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن.


