دادو (رپورٽر) دادو جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ شيخ گلاب ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين جي پراڻي خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب ماءُ جي هنج ۾ ويٺل چئن مهينن جي معصوم ٻارڙي فضا چانڊيو گولين جو نشانو بڻجي زخمي ٿي پئي آهي.
رپورٽن موجب هن خوني تڪرار سبب هيل تائين ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته تازي فائرنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.
علائقي ۾ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري بڻيل آهي ۽ ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن 3 سرڪاري اسڪولن تي قبضو ڪري کين مورچن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مقامي آبادي سخت خوف ۽ حراس واري عالم ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.

دادو جي ڪچي ۾ چانڊيا برادري ۾ خوني تڪرار، ماءُ جي هنج ۾ ويٺل 4 مهينن جي ٻارڙي زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

