دادو ۾ پنجاب پوليس جي ڪارروائي، عورتن جي اسمگلنگ ڪيس ۾ زميندار جو پٽ گرفتار

1 Min Read

دادو (رپورٽر) پنجاب پوليس عورتن جي اسمگلنگ واري ڪيس ۾ اهم ڪارروائي ڪندي مبينا سهولتڪار سليم ملاح کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب جوابدار کي دادو مان حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن گرفتار ٿيل سليم ملاح جي والد ۽ زميندار ايوب ملاح پنهنجي پٽ جي گرفتاري خلاف ڊي ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ جو عورتن جي اسمگلنگ يا ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي سان ڪو به واسطو ناهي.
ايوب ملاح الزام لڳايو ته سندس پٽ کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن اختيارين کان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
پوليس پاران ڪيس بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment