رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتوديرو ڀرسان جويا پل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا.
پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ ڳوٺ شير محمد جويو جي رهواسين لالو جويو ۽ راجا جويو طور ٿي آهي، جيڪي هٿياربندن جي فائرنگ جو نشانو بڻيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيو.
اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

رتوديرو ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل
Leave a Comment Leave a Comment

