Focus with Zardari

رتوديرو: 5 ڄڻن جي قتل جو ڪيس 20 جوابدارن خلاف داخل

2 Min Read

رتوديرو (رپورٽر) رتوديرو ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل گهانگهرا برادري جي 4 ڄڻن سميت 5 ماڻهن جي قتل جو ڪيس 20 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

رتوديرو ٿاڻي تي مقتول رجب گهانگهرو جي ڀاءُ سڪندر گهانگهرو جي فرياد تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ 18 ڄڻن کي نامزد ۽ 2 اڻڄاتل ماڻهن کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي. مقتولن ۾ رجب گهانگهرو، سندس ٻن پٽن قربان ۽ رياض گهانگهرو، بلاول گهانگهرو ۽ عبدالله بروهي شامل آهن.

فريادي ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو آهي ته احسان گهانگهرو واري ڌر سان سندن پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن سبب هو ڳوٺ مان لڏي رتوديرو اچي رهيا هئا. فريادي موجب سندس ڀاءُ رجب گهانگهرو رتوديرو ۾ اناج جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ احسان گهانگهرو پاران مبينا طور هڪ لک روپيا ڀتي جي گهر ڪئي وئي هئي.

ايف آءِ آر موجب واقعي واري ڏينهن رجب گهانگهرو ۽ سندس پٽ زرعي دڪان تي ويٺل هئا، جتي بلاول گهانگهرو ۽ عبدالله بروهي خريداري لاءِ آيل هئا ته هٿياربندن دڪان تي پهچي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنج ئي ڄڻا مارجي ويا.

- Advertisement -

پوليس ڪيس داخل ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment