وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي، 22 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

اسلا آباد ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسن خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 22 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

 پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب 17 مئي کان اتر وزيرستان جي علائقي شيوه ۾ صفائي ۽ علائقو محفوظ بڻائڻ واري ڪارروائي جاري آهي، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسن خوارجن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو۔

آءِ ايس پي آر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ 22 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته انهن وٽان هٿيار ۽ بارودي سامان پڻ هٿ ڪيو ويو۔

 بيان ۾ چيو ويو ته ماريل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا۔

 آءِ ايس پي آر موجب شاهديون مليون آهن ته خوارجن مقامي آبادي کي ڌمڪين ۽ جبر ذريعي پنهنجي اثر هيٺ رکيو هو ۽ محفوظ اچ وڃ لاءِ عام ماڻهن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو ويندو هو۔

 بيان ۾ چيو ويو ته بيگناهه شهرين جي جانين کي خطري ۾ وجهڻ جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي۔ فوجي ترجمان موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن اڃا جاري آهي ۽ سيڪيورٽي فورسن علائقي جو گهيرو مضبوط ڪري ڇڏيو آهي۔

Share This Article
Leave a Comment