زيارت ڪليئرنس آپريشن ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا

2 Min Read

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): بلوچستان حڪومت جي گهرو معاملن بابت خاص صلاحڪار بابر يوسفزئي چيو آهي ته زيارت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪليئرنس آپريشن دوران 15 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن خلاف وڙهندي 9 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ٿي ويا.

بابر يوسفزئي پنهنجي بيان ۾ چيو ته زيارت ۾ ڪيل ڪليئرنس آپريشن دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي وڏو ڌڪ رسايو آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز، بلوچستان پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پيشيوراڻي مهارت سان دهشتگردن جا ارادا ناڪام بڻايا.

هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، جڏهن ته ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل ڪارروائين ذريعي دهشتگرد تنظيمن جي نيٽ ورڪن کي منظم نموني نشانو بڻايو پيو وڃي.

خاص صلاحڪار چيو ته رياست دشمن عنصرن خلاف ڪارروائيون ان وقت تائين جاري رهنديون، جيستائين بلوچستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو نه ٿي وڃي. هن واضح ڪيو ته رياست جي عملداري تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ هر چئلينج جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

بابر يوسفزئي چيو ته زيارت ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جون قربانيون قوم جو قيمتي اثاثو آهن ۽ سندن رت جو حساب ضرور ورتو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ جٽادار امن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ دهشتگردي جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف ڪارروائيون آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين پوري شدت سان جاري رهنديون.

Share This Article
Leave a Comment