سرجري دوران عورت جي جسم ۾ ڪپڙو رهجي ويو، سول اسپتال تي 65 لک رپيا ڏنڊ

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي سينئر سول جج ڏکڻ جي عدالت سرجري دوران عورت جي جسم اندر ڪپڙو رهجي وڃڻ واري ڪيس ۾ طبي غفلت ثابت ٿيڻ تي سول اسپتال کي عورت کي 65 لک رپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سول اسپتال جي نمائندي طرفان اعتراف ڪيو ويو ته عورت کي ٻيهر آپريشن ڪرائڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته سرجري دوران مريض جي جسم اندر ڪپڙو رهجي وڃڻ طبي غفلت جي زمري ۾ اچي ٿو.

عدالت موجب رڪارڊ مان ظاهر ٿيو ته عورت جي آپريشن ڪندڙ ٻنهي عورت ڊاڪٽرن جي حيثيت زيرِ تربيت ڊاڪٽرن طور هئي.

اسپتال طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته آپريشن دوران سينيئر ڊاڪٽر به موجود هئا، پر عدالت چيو ته اسپتال طرفان انهن سينيئر ڊاڪٽرن جي سڃاڻپ ۽ لاڳاپيل رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسپتال جي ذميواري هئي ته سرجري دوران تجربيڪار ۽ ذميوار ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن، جڏهن ته آپريشن دوران مريض جي جسم اندر ڪپڙو رهجي وڃڻ اسپتال جي طبي غفلت کي ظاهر ڪري ٿو.

عدالت وڌيڪ واضح ڪيو ته سول عدالت جو دائرو هرجاڻي جي تعين تائين محدود آهي.

ڊاڪٽرن جي لائسنس يا انهن خلاف ڪنهن به ڪارروائي جو معاملو لاڳاپيل ريگيوليٽري اداري آڏو کڻي سگهجي ٿو.

عدالت سول اسپتال کي حڪم ڏنو ته ٻن مهينن اندر عورت کي 65 لک رپين جو هرجاڻو ادا ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.

واضح رهي ته متاثر عورت جي 2015ع ۾ سول اسپتال ۾ سرجري ڪئي وئي هئي، جنهن دوران مبينا طور سندس جسم اندر ڪپڙو رهجي ويو هو.

عدالت جي فيصلي کانپوءِ هي ڪيس طبي غفلت، اسپتالن ۾ سرجري دوران احتياطي انتظامن ۽ مريضن جي حقن بابت هڪ اهم قانوني مثال طور سامهون آيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment