کورواھ/گولاڙچي (ويب ڊيسڪ) کورواھ ڀرسان ڳوٺ وريو خاصخيلي ۾ مبينا غيرت جي نالي تي رتوڇاڻ جو واقعو پيش آيو، جتي جوابدار حسين خاصخيلي ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي 18 ورهين جي ڀائٽي آمنا ڌيءَ امير بخش خاصخيلي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي ۾ جوابدار جي زال روزينا، ڀاڄائي شارو زال امير بخش ۽ امير بخش ولد صادق خاصخيلي زخمي ٿيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال گولاڙچي منتقل ڪيو ويو.
اطلاع ملڻ تي کورواھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي ڪئي.
پوليس جوابدار حسين خاصخيلي کي واردات ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.
مقامي ذريعن موجب ڏيڍ مهينو اڳ شادي شده عورت شارو مبينا طور گهر ڇڏي هڪ شخص سان شادي ڪئي هئي، جنهن کي راڄوڻي فيصلي بعد ٻه ڏينهن اڳ واپس گهر آندو ويو هو.
ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار حسين خاصخيلي پنهنجي ڀائٽي آمنه تي شارو جي سهولتڪاري جو الزام هڻي کيس قتل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي.

کورواھ ڀرسان مبينا غيرت جي نالي تي نوجوان نياڻي قتل، ٽي ڄڻا زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

