ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سول سوسائٽي طرفان سعيد ميمڻ جي اغوا واري واقعي خلاف پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سول سوسائٽي طرفان شهر جي الفتاح چوڪ کان احتجاجي پيادل مارچ ڪري جلوس ڪڍي ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ حيدر ملاح ، ڊاڪٽر احمد نوناري ، اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھ ، سول سوسائٽي جي پير احمد سعيد جان سرهندي ، ڊاڪٽر جي ايم گل ، پير عاصم جان سرهندي ، اعظم ڀٽي ، شوڪت بروهي ، ايس يو پي اڳواڻ عمران لغاري ۽ ٻيا شامل هئا .
احتجاج دوران اڳواڻن چيو ته بلوچستان جي خضدار واري علائقي مان رٽائر آفيسر سعيد احمد ميمڻ کي هٿياربندن اغوا ڪري گم ڪرڻ واري واقعي کي 18 ڏينهن گذري ويا پر سرڪار بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي سعيد ميمڻ کي فوري طور بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو مظاهرن ڌرڻن کانپوءِ ايوانن آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.


