ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي فلمي دنيا ۾ 38 سال مڪمل ٿي ويا، جنهن تي مداحن سوشل ميڊيا تي جشن ملهايو.
سلمان خان 1988ع ۾ فلم ’بيوي هو تو ايسي‘ سان ڪيريئر شروع ڪيو، جڏهن ته ’مين ني پيار ڪيا‘ ۾ ’پريم‘ جي ڪردار کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو.
38 سالن دوران سلمان خان ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري سان گڏ پروڊڪشن ۾ به ڪم ڪيو، جڏهن ته مداحن #38YearsOfSalmanKhanEra ذريعي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.


