ميساچوسٽس ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي رياست ميساچوسٽس ۾ پنهنجي ٽن ننڍن ٻارن جي قتل جي الزام هيٺ گرفتار لنڊسي ڪلينسي جي ڪيس ۾ آخري دليلن جو مرحلو شروع ٿيڻ وارو آهي.
36 ورهين جي لنڊسي تي جنوري 2023ع ۾ پنهنجي ٽن ٻارن، پنج ورهين جي ڪورا، ٽن ورهين جي ڊاسن ۽ صرف اٺ مهينن جي ڪالن کي قتل ڪرڻ جا الزام آهن.
استغاثا جو موقف آهي ته لنڊسي ڄاڻي واڻي پنهنجي ٻارن کي قتل ڪيو ۽ ان کان پوءِ گهر جي ٻي منزل تان ٽپو ڏنو. هوءَ ان واقعي ۾ سخت زخمي ٿي ۽ هاڻي ويل چيئر تي عدالت ۾ پيش ٿي رهي آهي.
پر دفاع ڪندڙ وڪيلن جو چوڻ آهي ته لنڊسي پنهنجي ٻارن جي موت کان انڪار نٿي ڪري، پر ان وقت هوءَ ٻار جي پيدائش کان پوءِ پيدا ٿيندڙ شديد ذهني بيماري جو شڪار هئي، جنهن سبب کيس حقيقت ۽ وهم ۾ فرق ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي.
وڪيلن موجب لنڊسي کي وهم، خوف ۽ غير معمولي سوچن جو تجربو ٿي رهيو هو. قتل کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن نفسياتي علاج لاءِ اسپتال ۾ به داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ڪيس دوران سندس اڳوڻي مڙس پيٽرڪ ڪلينسي به عدالت ۾ شاهدي ڏني. هن ٻڌايو ته ٻارن جي موت کان لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ لنڊسي جي ذهني حالت تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي هئي. هوءَ وزن وڃائي رهي هئي، تمام گهڻي اداس رهندي هئي ۽ خودڪشي جا خيال به ظاهر ڪندي هئي.
لنڊسي جي ماءُ ۽ ڀيڻ به عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ بار بار مدد گهري رهي هئي ۽ کيس ڊپ هو ته هوءَ پاڻ کي يا ٻارن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي.
ڪيس ۾ ماهرن جون شاهديون به انتهائي اهم رهيون. دفاع جو موقف هو ته لنڊسي ٻار جي پيدائش کان پوءِ ٿيندڙ نفسياتي بيماري ۾ مبتلا هئي، جڏهن ته استغاثا جي ماهرن ان ڳالهه سان اختلاف ڪيو.
هاڻي عدالت ۾ آخري دليل ڏنا ويندا ۽ ان کان پوءِ جيوري فيصلو ڪندي ته لنڊسي ڪلينسي قانوني طور پنهنجي عمل جي ذميوار هئي يا نه.
جيڪڏهن هوءَ ٽنهي قتلن ۾ ڏوهاري ثابت ٿي ته کيس پيرول کانسواءِ عمر قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.


