ميرپورماٿيلو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ مير خان وسير ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مڙس عبدالجبار وسير مبينا طور پنهنجي زال رابيه وسير تي فائرنگ ڪرڻ بعد پاڻ تي به پسٽل جا فائر ڪري ڇڏيا.
فائرنگ ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻنهي دم ڏئي ڇڏيو.
علائقي واسين موجب زال مڙس وچ ۾ ڪافي عرصي کان اڻبڻت هلندڙ هئي.
پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.


