اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايندڙ پنجن سالن دوران سرڪاري قرضن جي وياج جي مد ۾ 45 هزار ارب رپيا ادا ڪندو، جنهن سان ملڪي مالي منظرنامي تي سخت دٻاءُ وڌي ويو آهي.
سرڪاري دستاويزن موجب، ملڪي قرضن جي ادائيگي جي خرچن ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي، جيڪا حڪومت جي اڍائي سالن جي ڪُل ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس آمدني جي برابر آهي.
رپورٽن موجب رڳو مالي سال 27-2026 لاءِ وياج جو بل 7 هزار 824 ارب رپيا رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جيڪو هر سال مسلسل وڌندي مالي سال 31-2030 تائين 10 هزار ارب رپين جي تاريخي سطح کي پار ڪري ويندو.
دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي قرضن ۾ مسلسل واڌ سبب ملڪ کي ايندڙ سالن ۾ سخت مالي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

پاڪستان کي 5 سالن ۾ قرض تي وياج جي مد ۾ 45 هزار ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن: دستاويز
Leave a Comment Leave a Comment

