ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي نظام بابت سنگين سوال اٿاريندڙ وڏي انتظامي ڪارروائي سامهون آئي آهي، جتي غيرحاضري ۽ مقررين جي قانوني حيثيت تي شڪ جي بنياد تي 40 سيڪريٽريز کي معطل ڪيو ويو آهي.
سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ طرفان 7 آگسٽ 2026ع تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، مختلف يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽين ۾ مقرر BPS-11 جا 40 سيڪريٽري فوري طور معطل ڪيا ويا آهن. معطلي جو بنيادي سبب مسلسل غيرحاضري ۽ مقررين جي قانوني حيثيت بابت شڪايتون ۽ شڪ ڄاڻايا ويا آهن.
معطل ٿيل سيڪريٽريز جو تعلق ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد، دادو، بدين، ٿرپارڪر، سانگهڙ، خيرپور، ڄامشورو، ٺٽو، سجاول، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ شهيد بينظيرآباد سميت مختلف ضلعن سان آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، معطلي واري عرصي دوران انهن آفيسرن جو هيڊڪوارٽر سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي.
سنڌ بئنڪ کي لاڳاپيل يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽين جا سرڪاري اڪائونٽ فوري طور منجمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نادرا کي لاڳاپيل عملدارن جون سرڪاري نادرا آءِ ڊيز بلاڪ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.
ساڳئي وقت لوڪل فنڊ آڊٽ ۽ لاڳاپيل ريجنل ڊائريڪٽرن کي حڪمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ معطل ڄاڻايل سيڪريٽريز بابت ڄاڻ هيٺ ڏجي ٿي.
داد محمد ولد واحد بخش سرڪي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-43 ڪانراني ۽ يو سي-25 مالوئي، ضلعو جيڪب آباد.
خير محمد ولد اڪبر علي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-15 صالح مهار ۽ يو سي-01 قادرپور، ضلعو گهوٽڪي.
امتياز علي ولد nبي بخش – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-09 شاهه مريد، گڏاپ، ملير ڪراچي.
محمد حيات ولد عبدالصمد – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-01 سر سيد، يو سي-09 پهار گنج، يو سي-10 مصطفٰي آباد ٽي ايم سي نارتھ ناظم آباد ۽ يو سي-05 اقبال ڪالوني ٽي ايم سي اورنگي، ڪراچي.
ايز احمد ولد موليٰ بخش سميجو – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي پيلو، ٿرپارڪر.
امداد حسين ولد شبير حسين – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-65 شاهه علي نظاماڻي، سانگهڙ.
عبدالوحيد ولد غلام قادر ڌاريجو – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-25 ليري، خيرپور.
نجم الدين ولد شاهه نواز مارکياڻي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪميٽي نمبر 87 ٽي ايم سي ٽنڊو فضل ۽ يو سي نمبر 78 ٽي ايم سي ٽنڊو فضل، حيدرآباد.
دولاد ڪمار ولد ڀاڳو مل – سيڪريٽريز (BPS-11/SCUG)، يو سي-44 باچرو ۽ يو سي-28 لوگي، ضلعو جيڪب آباد.
عبدالغفار ولد محمد يعقوب جمالي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-55 پير ماشائخ ۽ يو سي-51 ڪوهمڻو/پاريو جمالي، ضلعو دادو.
محمد صابر ولد عبدالمجيد – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-05 مارٽن ڪوارٽر، جناح ڪراچي.
فيصل دستگير ولد غلام دستگير – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-09 ريلو، يو سي-20 مورهو جبل ۽ يو سي-21 الله بچايو شورو، ضلعو ڄامشورو.
اصغر ولد الله بخش – يو سي-02 منگهوپير، ڪياماڙي ڪراچي.
خالد حسين ولد محمد خان مانگي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-13 گهاجي، يو سي-37 چوبنڊي ضلعو ٺٽو ۽ يو سي-12 خانپور ضلعو سجاول.
عبدالغفار ولد حاجي جيونگي خان – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪائونسل نمبر 52 ڌوڙي، ضلعو قنبر شهدادڪوٽ.
ساجد مير ولد مير خان لولائي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، پوسٽنگ جو انتظار (Awaiting for posting).
انتظار حسين ولد بدر الدين سومرو – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪائونسل نمبر 55 ڪوٽ لالو، ضلعو خيرپور.
ريحان ولد اخلاق احمد – سيڪريٽري، يونين ڪميٽي نمبر 8 جامعہ مليہ، ڪورنگي ڪراچي.
عبدالحميد ولد محمد اسماعيل – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪائونسل نمبر 3 ملا علي، ضلعو سکر.
محمد آصف ولد نور داد – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، نمبر 1 لياري ٽائون آگرہ تاج ڪالوني، لياري ڪراچي.
عبدالحفيظ ولد بلوچ خان – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪميٽي نمبر 9 ابوذر غفاري، نيو ڪراچي سينٽرل، ڪراچي.
بلال احمد ولد گل محمد – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪائونسل نمبر 30 حسن جمالي، ضلعو شهيد بينظيرآباد.
پير بخش ولد عبدالغفور چانڊيو – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪائونسل نمبر 01 بوسن ۽ يونين ڪائونسل نمبر 02 وارث ڏنو مڇي، ضلعو لاڙڪاڻو.
محمد شبير احمد ولد محمد اشرف – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي نمبر 8 لياري ٽائون ڪلري – شاهه بيگ لين، لياري ڪراچي.
شهزاد حسين ولد ايم اي ستار شيخ – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يونين ڪميٽي نمبر 114 شاهه لطيف آباد، حيدرآباد.
محمد عرفان ولد محمد رمضان – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي نمبر 4 سدڙ ٽائون ملت يو سي نگر ۽ نمبر 9 سدڙ ٽائون سدڙ، ڪراچي.
محمد عارف ولد ايم رحيم شيخ – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي نمبر 10 ڀٽائي آباد، ٽي ايم سي ملير، ڪراچي.
فضل الرحمان ولد عبدالرشيد – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي نمبر 04 جمشيد ٽائون، ٽي ايم سي جناح، ڪراچي.
عتيق الرحمان ولد حق نواز بلوچ – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي نمبر 06 پهلوان گوٺ، ٽي ايم سي جناح، ڪراچي ۽ يو سي-09 بختآور، ٽي ايم سي ملير, ڪراچي.
عبدالحفيظ ولد غلام حسين ابڙو – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي نمبر 04 پير بخش ڀٽو، ضلعو لاڙڪاڻو.
لياقت علي ولد غلام قادر ڏاهر – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي نمبر 10 گولي مار ٽي ايم سي-II جيئي شاهه، ضلعو سکر ۽ اضافي چارج يو سي-03 وستي قطب الدين شاهه، ضلعو گهوٽڪي.
منصور احمد ولد ممتاز علي مانگي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-16 اونگر، ضلعو ٺٽو.
يار محمد ولد حبيب الله – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، ٽائون ڪميٽي لکي، ضلعو شڪارپور.
طارق علي خان ولد امام بخش خان پٺاڻ – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-08 سعيد آباد، ٽي ايم سي نثار احمد صديقي، ضلعو سکر.
مهران خان ولد انور خان ميراڻي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-41 يارو لاکير، ضلعو لاڙڪاڻو.
ممتاز علي مانگيچو ولد ارباب علي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-26 سڪندرآباد ۽ اضافي چارج يو سي-66 ڀومڀٽ پور، ضلعو خيرپور.
فدا حسين جوڻيجو ولد حاڪم علي جوڻيجو – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-02 آباد، ٽي ايم سي نثار احمد صديقي، ضلعو سکر.
نياز حسين ولد عبدالڪريم لوند – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-19 سعيد ماتو، ضلعو ٽنڊو محمد خان ۽ اضافي چارج يو سي-02 بانو، ضلعو سجاول.
فدا حسين ولد وزير حسين سولنگي – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-22 بتڙا، ضلعو دادو ۽ يو سي-52 ٿريڙي جادو، ضلعو دادو.
عبدالمنان ڪاتپر ولد منظور علي ڪاتپر – سيڪريٽري (BPS-11/SCUG)، يو سي-51 واڳڻ، ضلعو نوشهرو فيروز ۽ اضافي چارج يو سي-50 نورپور، ضلعو نوشهرو فيروز.


