سنڌ ۾ چوماسي جو نظام سرگرم، 20 کان وڌيڪ ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مون سون سسٽم سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن سبب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ تيز هوائن، طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ مان ايندڙ مون سون هوائون مسلسل ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اولهه هوائن جو هڪ سلسلو به ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.

موسميات ماهرن موجب انهن موسمي نظامن جي اثر هيٺ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته برساتن سبب گرمي جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم جهڙالي ۽ گهميل رهي سگهي ٿي. صبح ۽ رات جي وقت هلڪي ڦڙ ڦڙ جو امڪان آهي، جڏهن ته سامونڊي علائقن ۾ به موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي اڄ گهوٽڪي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب 23 ۽ 24 جولاءِ دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن، گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

برسات جو امڪان رکندڙ ضلعن ۾ گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، سانگهڙ، مٽياري، حيدرآباد، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر شامل آهن.

ان کان سواءِ دادو، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته تيز هوائن ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور اڏاوتن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، تنهنڪري شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب مون سون سسٽم سبب سنڌ ۾ جاري گرم ۽ گهميل موسم جي شدت ۾ گهٽتائي اچڻ جو به امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment