سنڌ ۾ 15 لک 90 هزار ٽن ڪڻڪ جي کوٽ ٿي آهي: ڪابينا کي بريفنگ

3 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ جي صورتحال، ذخيره اندوزي، خوراڪ کاتي ۾ سڌارن ۽ نئين قومي ڪڻڪ پاليسي 2026-2030ع بابت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته مالي سال 2026-27ع دوران سنڌ کي 15 لک 90 هزار ٽن ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت سرڪاري امدادي اگهه 3500 رپيا في 40 ڪلوگرام کان وڌي وئي آهي.

وڏي وزير سنڌ فلور ملز، واپارين ۽ خانگي ذخيره اندوزن پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ جي معاملن جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته اٽي جي اگهن ۾ استحڪام لاءِ ذخيره اندوزن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عوامي مفاد جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻايو ويندو.

اجلاس ۾ خوراڪ کاتي کي مڪمل ڊجيٽل بڻائڻ ۽ انٽيگريٽيڊ ويٽ مينيجمينٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ واري تجويز تي به غور ڪيو ويو.

وڏي وزير چيو ته ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن، منتقلي ۽ فراهمي جي سموري نظام کي جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو وڃي، جيئن شفافيت ۽ بهتر انتظام کي يقيني بڻائي سگهجي.

ترجمان موجب سائنس اينڊ آءِ ٽي کاتي انٽيگريٽيڊ ويٽ مينيجمينٽ سسٽم جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (ايس آءِ ٽي سي) کي منصوبي جي تفصيلي جائزي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وڏي وزير هدايت ڪئي ته خوراڪ کاتو فوري طور ڊجيٽلائيزيشن طرف عملي قدم کڻي، خانگي شعبي جي وڌيڪ شموليت کي هٿي ڏني وڃي ۽ جنسن جي جديد انتظامي نظام کي هٿي ڏني وڃي.

اجلاس ۾ قومي ڪڻڪ پاليسي 2026-2030ع جي مسودي جو پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن جو مقصد مارڪيٽ تي ٻڌل نظام، سبسڊي جي بار ۾ گهٽتائي ۽ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

وڏي وزير قومي ڪڻڪ پاليسي جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ خوراڪ، زراعت ۽ قانون کاتن جي سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جيڪا مقرر وقت اندر پنهنجون سفارشون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪندي.

Share This Article
Leave a Comment