سپريم ڪورٽ جو عمران خان کي اڄ ئي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم

2 Min Read
https://www.facebook.com/UsmanGhaniPhotography

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي اڄ ئي سخت سيڪيورٽي ۾ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت عمران خان جي مڪمل طبي معائني ۽ علاج لاءِ خصوصي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان به طبي معائني دوران گڏ هوندا، جڏهن ته اسپتال جا خرچ هو پاڻ برداشت ڪندا.

عدالت موجب عمران خان ايندڙ ٻڌڻي تائين اسپتال ۾ ئي رهندو. اسپتال ٻاهران امن امان برقرار رکڻ ۽ ڪنهن به سياسي سرگرمي يا ڪارڪنن جي هجوم تي پابندي هوندي.

عمران خان جي وڪيلن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن عدالت کي يقين ڏياريو ته اسپتال ٻاهران سياسي سرگرمي نه ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ عمران خان جو مڪمل ميڊيڪل رڪارڊ ۽ ڀينرن توڙي ٻارن سان ملاقاتن ۽ فون تي ڳالهين جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا. جسٽس شاهه وحيد چيو ته ڀينرن سان ملاقات عمران خان جو بنيادي حق آهي.

وفاقي حڪومت اسپتال منتقلي جي حڪم تي اعتراض ڪندي چيو ته حڪومت کي نوٽيس ئي جاري نه ڪيو ويو، عدالت اعتراض کي به حڪم نامي جو حصو بڻائي ڇڏيو.

3رڪني بينچ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment