اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مذهبي معاملن سردار محمد يوسف ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات محمد علي دراني چيو آهي ته ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام لاءِ نوان صوبن جو قيام ضروري آهي.
ٻنهي اڳواڻن چيو ته سڀ کان پهرين هزارا ۽ بهاولپور کي صوبي جو درجو ڏنو وڃي. سندن چوڻ هو ته عوام جي اقتدار ۾ شرڪت لاءِ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ ضروري آهي.
هنن ٻڌايو ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽي ڀيرا هزارا صوبي جي قيام بابت ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به ان حوالي سان بل موجود آهي.


