سکر (عبدالغفور شيخ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جون 405 خالي جايون ڀرڻ وارو عمل روڪڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي صوبائي سيڪريٽري زراعت، ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ ٺري ميرواهه واسي هوش محمد شر ۽ ٻين پاران ايگريڪلچر ايڪسٽينشن کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جون ڀرتيون نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس ارباب علي هڪڙو ۽ جسٽس محمد عثمان الهادي تي ٻڌل آئيني بئنچ آڏو درخواستگذارن جي وڪيلن شبير شر ۽ زاهد نواز دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن کاتي ۾ 11هين گريڊ جي فيلڊ اسسٽنٽ جون 405 جايون خالي هيون، جن تي ڀرتين لاءِ 2024ع دوران اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون ويون.
وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته ڀرتي واري عمل تحت 21 سيپٽمبر 2025ع تي پاڪستان ٽيسٽنگ سروس پاران اميدوارن کان لکت وارو امتحان پڻ ورتو ويو، جڏهن ته امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کان زباني امتحان وٺڻ کان اڳ ئي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن اختيارين 11 آڪٽوبر 2025ع تي بنا ڪو واضح سبب ڄاڻائڻ جي سمورو ڀرتي وارو عمل معطل ڪري ڇڏيو.
درخواستگذارن جي وڪيلن جو چوڻ هو ته ڀرتي وارو عمل اوچتو روڪڻ سبب امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي ۽ اميدوار سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.
عدالت درخواستگذارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ صوبائي سيڪريٽري زراعت، ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 15 سيپٽمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.


