گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي صورتحال تي ضابطو نه اچي سگهيو، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو
گمبٽ ۾ ايڇ آءِ وي جي شڪي ۽ متاثر ٻارڙن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جتي وڌيڪ ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ فوتين جو مجموعي انگ 7 تائين پهچي ويو آهي.
معلومات موجب ڪنڊيارو واسي 3 ورهين جي فضا ولد عبدالڪريم ۽ 4 مهينن جي صبا ولد نادر لاشاري، جن کي ايڇ آءِ وي جي شڪي مريض طور گمبٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال (گمس) ۾ داخل ڪيو ويو هو، فوت ٿي ويا آهن. صبا کي حالت خراب ٿيڻ تي سکر اسپتال به ريفر ڪيو ويو هو، پر ٻنهي دم ڏئي ڇڏيو.
ٻارڙن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گمس جي ٻارن واري وارڊ ۾ ايڇ آءِ وي جي شڪي مريض طور داخل ڪيو ويو هو، جتي مختلف ٽيسٽون پڻ ڪرايون ويون، پر والدين موجب علاج باوجود ٻارن جي صحت ۾ ڪا به بهتري نه آئي.
والدين الزام لڳايو آهي ته اسپتال عملو مڪمل تعاون نه ڪري رهيو آهي ۽ سندن ٻارن جي حالت بابت واضح ڄاڻ به فراهم نه ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن مقامي ذريعن موجب گمس انتظاميا ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا فوت ٿيل ۽ شڪي مريض ٻارڙن بابت معلومات لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن سبب علائقي ۾ وڌيڪ خدشا ۽ خوف پکڙجي ويو آهي.
ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ ڪيسن سبب گمبٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت پريشاني ۽ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهري صحت واري نظام تي به سوال اٿي رهيا آهن.
بيواهه يا اولاد، فوتي ڪوٽا تحت نوڪري ڪنهن کي ملندي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ اهم تشريح ڪري ڇڏي


