ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير منظور حسين وساڻ اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام شبير شيخ کي 50 ڪروڙ رپين جو قانوني نوٽيس اماڻيندي معافيءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور حسين وساڻ بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر ذريعي اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس غلام شبير شيخ کي عزت کي ڇيهو رسائڻ ۽ ڪردار ڪشي تي 50 ڪروڙ رپين جو قانوني نوٽيس اماڻيو.
نوٽيس ۾ شبير شيخ مطالبو ڪيو آهي ته هو منظور وساڻ بابت پنهنجي بيانن تي غير مشروط معافي وٺي ۽ ڪردار ڪشي عيوض 50 ڪروڙ رپين جو حرجاڻو ادا ڪري.
نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منظور وساڻ جو گذريل اڌ صدي کان سنڌ خاص طور تي خيرپور جي عوام لاءِ بي داغ سياسي رڪارڊ آهي، منظور وساڻ ضياءُ الحق جي آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ خيرپور، سکر ۽ مچ جيل ۾ قيد ڪاٽيو ۽ سختيون برداشت ڪيون.
قانوندان بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر موجب جيڪڏهن غلام شبير شيخ مقرر وقت تي معافي نه ورتي ته قانون تحت سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.


